سوئر/ مرون/ خنزير

سوئر/ مرون/ خنزير

سوئر/ مرون/ خنزير

سوئر/ مرون/ خنزير

سوئر مرون خنزير

سوئر/ مرون/ خنزير (Indian Wild/ Sus Scrofa) بدصورت، خوفناڪ ۽ اڻ وڻندڙ جانور. هن جو قد 33 کان 36 انچ جو ٿئي ٿو ۽ جسم 0.9 کان 1.8 ميٽر (3.6) فٽ ٿئي ٿو. هن جو پڇ 30 سينٽي ميٽر هوندو آهي. سنڌ ۾ نر سوئر جو وزن 145 ڪلوگرام ۽ مادي 60 کان 80 ڪلوگرام جي برابر ٿئي ٿي. هن جانور جا وار ٿلها، کهرا ۽ وڏا ٿين ٿا. رنگ ڪارو، ناسي گهرو سُرمائي يا وري ڪن ملڪن ۾ اڇو رنگ به ٿئيس. پٺيءَ تي مٿي کان آخر تائين وارن جي جهنڊ هوندي اٿس. سوئر جي کاڏيءَ هيٺان وارن جو رنگ هلڪو هوندو آهي، جڏهن ته نر سوئر مادي کان جسم ۽ قد بت ۾ وڏو ٿيندو آهي. هن جي جسم مان هڪ عجيب قسم جي بدبوءِ ايندي آهي. سوئر جي نظر ڪمزور پر سنگهڻ جي صلاحيت تمام تيز هوندي آهي، جنهنڪري هي شين جي ويجهو وڃي انهن کي سنگهي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هي جانور ڪيترن ئي قسمن جا آواز ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو، خطري جي وقت نڪ مان آواز ڪڍندو آهي. نر سوئر جي حملي جي وقت پنهنجي ڏندن کي هڪ ٻئي سان ٽڪرائي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو آهي ۽ زخمي ٿيڻ جي صورت ۾ وڏيون وڏيون رڙيون ڪندو آهي، جيڪي ميلن تائين ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. رفتار سان ڊوڙندڙ هن جانور جو دوناڙ ڊگهو ۽ بد شڪل هوندو آهي. سوئر ڪنڌ ورائي نه سگهندو آهي. سوئر جا ڪن ڊگها ۽ نوڪدار هوندا آهن، جيڪي وارن ۾ ڍڪيل هوندا آهن. هن جون اکيون منهن مهانڊي جي حساب سان ننڍيون ۽ کوپڙي پوئتي ڌڪيل هوندي آهي. هر قسم جي ماحول ۾ رهڻ ڪري هي هر شيءِ کائي ويندو آهي، جهڙوڪ: ٻوٽن جون پاڙون، پن، کنڀيون، جيت، ڪرڙيون، ڪوئا، نانگ ۽ مئل جانور، جن ۾ رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون به اچي وڃن ٿيون. هي ڪمنڊ ۽ مڪئيءَ جي فصل سميت ٻين فصلن کي سخت نقصان پهچائيندو آهي، جنهنڪري سنڌ جا زميندار توڙي هاري شڪاري ڪتا پاليندا آهن، جيڪڏهن ڪو شڪاري ڪتو سوئر تي حملو ڪندو آهي ته سوئر ڊڄڻ ۽ ڀڄڻ بجاءِ ان تي جوابي حملو ڪندو آهي ۽ زخمي ٿيڻ باوجود به آخري پساهن تائين دشمن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندو آهي. جهنگ ۾ هن جانور کان شينهن به ڊڄندو آهي، ڇو ته هن کي مٿين ڄاڙيءَ کان مٿي وريل وڄ (ٻاهر نڪتل ڏند) هوندا آهن، جن جي ٻاهرين گولائي 270 ملي ميٽر (10.65) انچ هوندي آهي، جيڪي پنهنجي بچاءَ لاءِ به استعمال ڪندو آهي ته دشمن تي حملي لاءِ به، جنهن سان هي ان کي ماري به سگهي ٿو. بلوغت جي حوالي سان مادي هڪ يا ٻن سالن ۾، جڏهن ته نر سوئر ٽن سالن ۾ بالغ ٿي ويندو آهي. نسل جي واڌ ويجهه جي حوالي سان سوئرن ۾ ٻارهن مهينا لڳ جاري رهندو آهي، پر خاص ڪري مينهن جي مند کان اڳ يا پوءِ هنن جي لڳ جي رفتار ۾ تيزي اچي ويندي آهي. لڳ لاءِ سوئر ميڙ جي صورت ۾ مادي جو گهيراءُ ڪندو آهي، جنهنڪري پاڻ ۾ وڙهندا به آهن ۽ زخمي به ٿيندا آهن. ڳڀ کان پوءِ مادي سوئر 110 کان 115 ڏينهن جي اندر 4 کان 6 يا 7 کان 12 عدد تائين ٻچا ڄڻيندي آهي ۽ ٻچا ڄمڻ کان ٿورو اڳ ۾ زمين ۾ کڏ کوٽي ان ۾ نرم گاهه وڇائيندو آهي. ٻچا ڄڻڻ جي ڪلاڪ ٻن کن پوءِ ٻچا پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۽ ڊوڙڻ شروع ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻاهر گهمندا ڦرندا آهن ۽ ائين ٻن کان ٽن مهينن تائين ٻچا پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندا آهن. ٻچا پيدا ٿيڻ وقت هلڪي هيڊي ناسي رنگ جا هوندا آهن جن جي پٺيءَ ۽ پاسن کان هلڪيون پٽيون ٺهيل هونديون آهن. سوئر جهنگ جي انهن حصن ۾ رهندو آهي، جتي هن کي لڪڻ جي جڳهه ملي. مينهن جي موسم ۾ هي جانور رهائش جي ويجهو ئي ٻنين ۾ لهي ويندو آهي، جيئن ته هنن جي جسم تي تمام گهٽ وار هوندا آهن، ان ڪري هي گرميءَ جي موسم ۾ گهٽ جڳهين تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ گرميءَ ۾ گهاٽن وڻن انر يا وري گپ ۾ لتل ملندو آهي. سوئر اڪثر ميڙ ٺاهي هلندا آهن، کاڌي جي ڳولا رات جي وقت ميڙ جي صورت ۾ ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪو خطرو نه هوندو ته ڏينهن ڏٺي جو به ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن آرام ڪرڻ وقت هي اڪيلا به هوندا آهن. سوئر جي عمر 12 کان 20 سال هوندي آهي، ڪن ملڪن ۾ سوئر کي ڌاريندا آهن ۽ انهن جي فارمنگ به ڪئي ويندي آهي. گهريلو پاليل سوئر ڀاڄي خور هوندو آهي، جنهن جو گوشت کاڌي طور استعمال ٿيندو آهي. ان جي گوشت کي پورڪ (Pork) ۽ هئم (Ham) چوندا آهن، جنهن مان ’هئم برگر‘ ٺاهيا ويندا آهن. اسلام ۾ هن جانور کي کائڻ حرام آهي . يهودين وٽ به سوئر کائڻ حرام آهي. اُن جو وڏو ڪارڻ، مادي سوئر جو ’اجتماعي لڳ‘ چيو وڃي ٿو. هن جانور جو نالو سنڌي ٻوليءَ سميت ڪيترين ٻولين ۾ برائيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ڪيترا وڏيرا پنهنجي ڪوٽن ۾ سوئر پاليندا آهن ۽ ڪتن جي بڇ ڪرائي لکين روپيا شرطون رکندا آهن. سنڌ ۾ سوئر ۽ ڪتي جي ويڙهه ڪافي مشهور آهي. هيءُ جانور سنڌ ۾ هاڻي اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو